Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:11 - Sindhi Bible

11 ۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن سموئيل کيس چيو تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“ سائول وراڻيو تہ ”جڏهن مون ڏٺو تہ فلستي مڪماس ۾ اچي گڏ ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو مون وٽان ٽڙي پکڙي رهيا آهن ۽ توهان بہ مقرر ڪيل وقت اندر ڪين پهتا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو.


تنهن تي خداوند چيس تہ تو هي ڇا ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان پيو پڪاري.


تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائين تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ ڏس، ابنير تو وٽ آيو؛ ۽ ڇو ائين ٿيو جو تو هن کي روانو ڪري ڇڏيو، ۽ هو بنهہ هليو ويو آهي؟


پر هو اندر وڃي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيٺو، ۽ اليشع هن کي چيو تہ اي جيحازي، تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.


هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو:


۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.


تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي.


۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ جيڪي ماڻهو وٽن حاضر هئا سي بنيمين جي جبعہ ۾ رهي پيا: پر فلستي مڪماس ۾ منزل ڪيو رهيا پيا هئا،


۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.


۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


هڪڙي ٽڪري اُتر ڏي مڪماس جي سامهون هئي، ۽ ٻي ڏکڻ ڏي جبع جي سامهون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ