Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:9 - Sindhi Bible

9 پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ هن انهن کي حصور جي لشڪر جي سردار سيسرا جي هٿ، ۽ فلستين جي هٿ، ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ۽ اُهي هنن سان وڙهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو. سو خداوند انهن کي حصور شهر جي فوج جي سپهہ‌سالار سيسرا جي هٿان، فلستين جي هٿان ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري کين انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.


۽ پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيائون، جنهن مصر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا؛


پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


جنهن ٽڪر توکي پيدا ڪيو، تنهن جي توکي يادگيري ڪانهي، جنهن توکي خلقيو، تنهن کي تو وساري ڇڏيو آهي.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي بني عمون جي هٿن ۾ وڪڻي ڇڏيو.


۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي اسرائيل تي غالب ڪيو، ڇالاءِ جو هنن اهڙا ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو.


تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.


پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ