Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:8 - Sindhi Bible

8 جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن يعقوب پنهنجي گھراڻي سميت مصر ۾ آيو ۽ مصري کين ستائڻ لڳا، تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ فرياد ڪيو. سو خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آڻي هتي اچي آباد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ بني اسرائيل کي سندن لشڪر موجب، مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.


تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:


سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛


مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.


انهي طرح خداوند اسرائيل کي اُهو سڄو ملڪ ڏنو، جنهن جي لاءِ هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين؛ ۽ اُهو هنن هٿ ڪيو ۽ انهي ۾ رهڻ لڳا.


۽ بني اسرائيل کي چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي مصرين جي هٿان، ۽ اُهي سڀ حڪومتون جي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون، تن جي هٿان ڇڏايم؛


۽ سموئيل ماڻهن کي چيو، تہ اهو خداوند آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ