Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:3 - Sindhi Bible

3 اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:3
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون خداوند جي رستن جي سنڀال ڪئي آهي: ۽ شرارت ڪري خدا کان پري نہ ٿيو آهيان.


ڀلائي ڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين هنن کي سندن ٻنيون، ڊاک جا منهہ، زيتونن جا باغ، ۽ گهر، موٽائي ڏيو، ۽ پئسن، ۽ اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو ستون حصو، جو هنن کان اُڳاڙيو ٿا، سو بہ موٽائي ڏيو.


جو پنهنجا پئسا وياج تي اُڌارا نٿو ڏئي، نڪي بي گناهہ جي برخلاف رشوت ٿو وٺي. جيڪو اهو ڪم ٿو ڪري تنهن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.


جيڪڏهن چوريءَ جو مال وٽانئس جيئرو نڪري، تہ پوءِ اهو ڏاند هجي، يا گڏهہ هجي، يا رڍ هجي؛ تہ هو ٻيڻو ڀري ڏئي.


تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


تہ پوءِ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيو هجي، تہ جيڪي ڦريو هجيس، يا جيڪي ظلم سان ورتو هجيس، يا جيڪا امانت وٽس رکيل هجي، يا جيڪا گم ٿيل شيءِ لڌي هجيس، سا موٽائي ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي:


يا جنهن شيءِ بابت ڪوڙو قسم کنيو هجيس؛ سا ذري پرزي موٽائي ڏئي، ۽ انهيءَ جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي: جنهن ڏينهن هو ڏوهاري ٺهرايو وڃي، انهي ڏينهن، جنهن ماڻهوءَ جي اها شيءِ هجي، تنهن کي موٽائي ڏئي.


تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.


هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي.


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


مون ڪنهن جي بہ چاندي ۽ سون يا ڪپڙي جي لالچ نہ ڪئي.


ڏسو هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن اچڻ جي لاءِ تيار ٿيو آهيان؛ ۽ آئون اوهان تي بار نہ ٿيندس؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو ٻيو ڪي ڪين ٿو گهُران، رڳو اوهان کي ٿو گهُران. هن ڪري جو ٻارن کي مائٽن جي لاءِ جمع ڪري رکڻ نہ گهُرجي، بلڪ مائٽن کي ٻارن جي لاءِ.


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:


ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟


تڏهن هنن چيو تہ تو اسان کي نڪي ٺڳيو آهي، نڪي اسان تي ڪو ظلم ڪيو آهي، نڪي تو ڪنهن ماڻهو جي هٿان ڪا شيءِ ورتي آهي.


۽ هن چيو تہ خدا اوهان تي شاهد آهي، ۽ سندس مسح ڪيل اڄ شاهد آهي، تہ اوهان منهنجي هٿ ۾ ڪي ڪين لڌو آهي. ۽ هنن چيو تہ اهو شاهد آهي.


۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.


۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.


۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


تڏهن دائود پنهنجن ماڻهن کي ائين چئي روڪيو، ۽ سائول تي ڪاهي وڃڻ نہ ڏنو. ۽ سائول غار مان نڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.


خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون.


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ