Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:25 - Sindhi Bible

25 پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين شرارت جهڙا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ ٻئي چٽ ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ سڀيئي چٽ ٿي ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ترار سان چٽ ٿيندا، ۽ بيعقليءَ ۾ مري ويندا.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟


خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا کي وساريندين، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندين، ۽ انهن جي عبادت ڪندين، ۽ انهن کي سجدو ڪندين، تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي برخلاف شاهدي ٿو ڏيان تہ اوهين ضرور نابود ٿيندا.


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جو عهد ڀڃندا، جنهن جو حڪم هن ڏنو آهي، ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا؛ تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي، ۽ اوهين جلد ناس ٿي انهيءَ چڱيءَ زمين تان چٽ ٿي ويندا، جا هن اوهان کي ڏني آهي.


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.


سائول جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيهن ورهين جو هو: ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ