Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:23 - Sindhi Bible

23 تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:23
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.


تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ انهيءَ وقت هنن کي ڪو چڱو رستو سيکارج تہ انهيءَ تي هلن، ۽ انهيءَ پنهنجي زمين تي مينهن موڪلج، جا تو ورثو ڪري پنهنجي قوم کي ڏني آهي.


يروشلم جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرو، جيڪي توکي پيار ٿا ڪن سي سرفراز ٿيندا.


اي ٻارو اچو منهنجي ڳالهہ ٻڌو، آءٌ اوهان کي خداوند جو ڊپ سيکاريندس.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو حياتيءَ جي خواهش رکي وڏي عمر ٿو چاهي، انهيءَ لاءِ تہ ڀلائي ڏسي؟


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو، جو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اوهان هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي: هاڻي آءٌ خداوند وٽ چڙهي ٿو وڃان؛ شايد اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ڪريان.


مون توکي ڏاهپ جي رستي جي تعليم ڏني آهي؛ مون تنهنجي سچائيءَ جي واٽن تي رهنمائي ڪئي آهي.


واعظ ڪوشش ڪري پسنديءَ جهڙيون ڳالهيون، ۽ جيڪي سچيءَ طرح لکيل هو، يعني سچ جون ڳالهيون ڳولي لڌيون.


جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


پر جي هو نبي آهن، ۽ خداوند جو ڪلام وٽن آهي تہ تڏهن هاڻي لشڪرن جي خداوند وٽ شفاعت ڪن، تہ جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾، ۽ يروشلم ۾ بچيل آهن، سي بابل ڏي نہ وڃن.


تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.


سو پطرس تہ قيدخاني ۾ پهري هيٺ هو؛ پر ڪليسيا سندس لاءِ ڏاڍيءَ دل سان خدا کان دعا پئي گهُري.


۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


ڇالاءِ جو جيڪڏهن آئون انجيل جي منادي ٿو ڪريان، تہ مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ڪونهي، ڇالاءِ جو اهو منهنجو فرض آهي. ۽ جيڪڏهن انجيل جي منادي نہ ڪريان، تہ منهنجي حال تي افسوس!


جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.


انهي ڪري جنهن ڏينهن اسان اهو ٻُڌو، تنهن ڏينهن کان وٺي اسين بہ اوهان جي لاءِ هيءَ دعا گهُرڻ ۽ عرض ڪرڻ کان بس نٿا ڪريون، تہ شل اوهين انهي جي مرضيءَ جي علم ڪري، ڪمال روحاني سياڻپ ۽ سمجهہ سان ڀرجي وڃو،


اسين رات ۽ ڏينهن تمام گهڻي دعا ٿا گهُرون تہ شل اوهان جو منهن ڏسون، ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گهٽتائي هجي، سا پوري ڪريون.


آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جنهن جي عبادت آئون صاف دل سان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪندو اچان، تہ رات ڏينهن پنهنجين دعائن ۾ آئون توکي لڳاتار ياد ٿو ڪريان.


۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون.


پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ