Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:21 - Sindhi Bible

21 ۽ گمراهہ ٿي نہ وڃو: نہ تہ اوهين اجاين ڳالهين جي پٺيان ويندا، جنهنڪري اوهان کي ڪوبہ فائدو يا ڇوٽڪارو نہ ملندو، ڇالاءِ جو اُهي سڀ اجايون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهين ٻين معبودن جي پٺيان نہ لڳو، جيڪي نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو ٿا ڏيئي سگھن ۽ نہ اوهان کي بچائي ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:21
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ جا قانون، ۽ جيڪو عهدنامو هن سندن ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ۽ جيڪي شاهديون هن کين ڏنيون هيون سي رد ڪري ڇڏيائون؛ ۽ بيهودين ڳالهين جي پٺيان پيا، ۽ مغرور ٿيا، ۽ سندن آس پاس جيڪي قومون هيون تن جي پيروي ڪيائون، جن قومن جي نسبت ۾ خداوند تاڪيد ڪيو هون تہ انهن جهڙا ڪم متان ڪريو.


ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.


اهي اجايا آهن، بلڪ فريب ڏيندڙ ڪم آهن: سزا جي وقت اُهي چٽ ٿي ويندا.


پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.


پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.


اُڪريل مورت مان ڪهڙو فائدو جا اُڪريندڙ اُڪري ٺاهي آهي؟ پلٽيل مورت ۽ ڪوڙن جي سيکاريندڙن مان ڪهڙو فائدو، جو سندس ٺاهڻ وارو انهي تي ڀروسو رکي گونگن بُتن کي ٺاهي ٿو.


اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:


هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.


اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي، ۽ اوهين گمراهہ ٿي ٻين معبودن جي عبادت ڪريو، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو؛


پر جيڪڏهن تنهنجي دل ڦري ويندي، ۽ تون نہ ٻڌندين، ۽ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي ٻين معبودن جي بندگي ۽ عبادت ڪندين؛


جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ