Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:17 - Sindhi Bible

17 اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڇا هيءَ ڪڻڪ جي لاباري واري خشڪ موسم نہ آهي؟ پر آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ هو گجگوڙون ۽ مينهن موڪلي. پوءِ اوهين ڄاڻيندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُري اوهان خداوند جي نظر ۾ ڪيڏي نہ وڏي بڇڙائي ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو، جو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اوهان هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي: هاڻي آءٌ خداوند وٽ چڙهي ٿو وڃان؛ شايد اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ڪريان.


جيئن برف اونهاري ۾، ۽ جيئن مينهن فصلن لهڻ جي موسم ۾، تيئن عزت بيعقل جي لاءِ سهائيندي ناهي.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


جنهن ڏينهن خداوند امورين کي بني اسرائيل جي حوالي ڪيو تنهن ڏينهن يشوع خداوند کي عرض ڪيو، ۽ بني اسرائيل جي اڳيان چيائين، تہ اي سج، تون جبعون تي ۽ اي چنڊ، تون ايالون جي واديءَ ۾ بيٺو رهہ.


تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.


۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون.


جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.


۽ سموئيل چيو تہ ساري اسرائيل کي مصفاہ ۾ گڏ ڪريو، ۽ آءٌ اوهان جي لاءِ خداوند کان دعا گهرندس.


پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ