Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:15 - Sindhi Bible

15 پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پر جيڪڏهن اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، بلڪ خداوند جي حڪمن جي خلاف ٿيندا، تہ پوءِ خداوند اوهان جي ۽ اوهان جي بادشاهہ جي خلاف ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.


خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.


جيڏانهن هو ويندا هئا اوڏانهن خداوند جو هٿ خرابيءَ لاءِ انهن تي رهندو هو، جيئن خداوند فرمايو هو، ۽ جيئن خداوند هنن سان قسم کنيو هو: ۽ هو تمام تنگ ٿيا.


پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ هن انهن کي حصور جي لشڪر جي سردار سيسرا جي هٿ، ۽ فلستين جي هٿ، ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ۽ اُهي هنن سان وڙهيا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُها اُتان ڪڍي ويا، تڏهن خداوند جو هٿ شهر تي اهڙي سختي سان پيو جو منجهس تمام وڏي پريشاني پيئي: ۽ هن شهر جا سڀ ننڍا وڏا ماڻهو ماريا، ۽ ڳوڙهين جو مرض اچي منجهن پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ