Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:14 - Sindhi Bible

14 جيڪڏهن اوهين خدا کان ڊڄندا، ۽ انهي جي عبادت ڪندا، ۽ اُنهي جو حڪم مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف باغي نہ ٿيندا، ۽ اوهين توڙي جيڪو بادشاهہ اوهان تي بادشاهي ڪري ٿو، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪندا، تہ چڱو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري جيڪڏهن اوهين خداوند جو خوف ڪندا رهندا، سندس عبادت ڪندا، انهيءَ جا ئي حڪم مڃيندا ۽ سندس خلاف باغي نہ ٿيندا، هائو، جيڪڏهن اوهين توڙي اهو بادشاهہ جيڪو اوهان تي بادشاهي ٿو ڪري، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪندا تہ اهو اوهان ۽ اوهان جي بادشاهہ لاءِ چڱو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو نڪري وڃي آسا کي گڏيو ۽ چيائينس تہ اي آسا، ۽ سڀ يهوداہ ۽ بنيمين، اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو: خداوند اوهان ساڻ آهي، جيستائين ڪ اوهين هن ساڻ رهندا؛ ۽ جيڪڏهن اوهين انهيءَ کي ڳوليندا تہ انهيءَ کي لهندا؛ پر جي اوهين انهيءَ کي ڇڏيندا، تہ هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


هن اوندهہ کي موڪليو، ۽ اونداهي ٿي پيئي؛ ۽ انهن هن جي ڪلام جي مخالفت ڪئي.


اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:


۽ انهي نبيءَ يا خوابن ڏسڻ واري کي ماري ڇڏجو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا جو اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، ۽ توکي غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايائين، تنهن جي برخلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ جنهن رستي هلڻ لاءِ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪريئي. انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏيندا، ۽ ٻين ڌارين معبودن جي عبادت ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اسان سان هيتري چڱائي ڪئي آهي، سو ڦري اوهان سان برائي ڪندو، ۽ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ