Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:13 - Sindhi Bible

13 تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو هاڻي اهو ئي اوهان جو بادشاهہ آهي، جنهن کي اوهان چونڊيو آهي ۽ جيڪو اوهان گھُري ورتو آهي. ڏسو، خداوند اوهان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ توکي هڪڙو بادشاهہ ڏنو، ۽ پنهنجي غصي ۾ انهي کڻي ورتو اٿم.


تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو.


۽ سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ اوهين انهي ماڻهوءَ کي ٿا ڏسو جنهن کي خداوند پسند ڪيو آهي، ۽ انهي جهڙو سڄي قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.


۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.


اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.


۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون.


۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي.


باقي تنهنجا گڏهہ جي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو ڪو خيال نہ ڪر، ڇالاءِ جو اُهي لڌا آهن. ۽ اسرائيل ۾ سڀني کان سٺيون شيون ڪنهن جي لاءِ آهن؟ تنهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي ساري گهراڻي لاءِ ناهن ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ