Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 12:12 - Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن اوهان مون کي چيو تہ ’اسان تي بہ هڪڙو بادشاهہ بادشاهي ڪري،‘ جيتوڻيڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 12:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


خدا قديم وقت کان وٺي منهنجو بادشاهہ آهي، جو زمين تي نجات ٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛


هاڻي تنهنجو بادشاهہ ڪٿي آهي، جو توکي تنهنجن سڀني شهرن ۾ اچي بچائي؟ ۽ تنهنجا قاضي ڪٿي آهن جن جي نسبت ۾ تو چيو تہ مون کي بادشاهہ ۽ امير ڏي؟


هن يعقوب ۾ ڪا بڇڙائي ڪانہ ڏٺي آهي، نڪي اسرائيل ۾ ڪا خرابي ڏٺي اٿس: خداوند هن جو خدا، هن سان آهي، ۽ بادشاهہ جي للڪار هنن منجهہ آهي.


۽ جدعون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان تي حڪومت نہ ڪندس، نڪي منهنجو پٽ اوهان تي حڪومت ڪندو.


۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛


پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو.


۽ هن جا پٽ هن جي نموني تي نہ هليا، پر جوفي جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿي ويا، ۽ رشوتون وٺڻ لڳا، ۽ بي انصافي ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ