Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي سائول تي خدا جو روح ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو سائول ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو منزلگاهہ جي ويجهو آيو تڏهن گابو ۽ ناچ ڏٺائين: تنهن تي موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سندس هٿ ۾ جيڪي تختيون هيون، سي کڻي اُڇلايائين، ۽ جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيائين.


هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.


تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.


ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو:


تڏهن خداوند جو روح افتاح تي نازل ٿيو، ۽ هو جلعاد ۽ منسيءَ جي مٿين پاسي لنگهي، جلعاد جي مصفاہ ۾ آيو، ۽ جلعاد جي مصفاہ کان لنگهي بني عمون تائين پهتو.


۽ خدا جو روح هن کي محني دان جي منزلگاهہ ۾، صرعہ ۽ استال جي وچ ۾، بيدار ڪرڻ لڳو.


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هن انهيءَ کي ائين ڦاڙي وڌو، جيئن هو ڪنهن ڇيلي کي ڦاڙي، ۽ هن جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ ڪين هو: پر هن جيڪي ڪيو سو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي نہ ٻڌايائين.


جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.


۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.


۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛


۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو.


تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان تو تي نازل ٿيندو، ۽ تون بہ هنن سان گڏ نبوت ڪندين، ۽ بدلجي هڪڙو ٻيو ماڻهو ٿي پوندين.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


هاڻي خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو، ۽ هڪڙو بڇڙو روح خداوند وٽان اچي هن کي ستائڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ