Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:5 - Sindhi Bible

5 ۽ ڏس، سائول ٻنيءَ مان ڏاندن جي پٺيان پئي آيو: ۽ سائول چيو تہ ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هو روئن ٿا؟ ۽ هنن اُنهي کي يبيس جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ ئي وقت سائول پنهنجي ڏاندن پٺيان ٻنيءَ کان اچي رهيو هو. هن پڇيو تہ ”ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو هو روئي رهيا آهن؟“ ماڻهن کيس يبيس جي قاصدن جون ڳالهيون ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:5
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي.


پوءِ هو اُتان روانو ٿيو، ۽ وڃي اليشع بن سافط کي لڌائين، جنهن ڏاندن جا ٻارهن جوڙا جوٽي هر پئي ڪاهيا، ۽ پاڻ ٻارهين جوڙيءَ سان هو: ۽ ايلياہ لنگهي وٽس ويو ۽ پنهنجو چوغو هن جي مٿان اُڇلائي وڌائين.


هن کي ڦر وارين رڍن چارڻ کان آندائين، تہ سندس اُمت يعقوب، ۽ سندس ميراث اسرائيل جي نگهباني ڪري.


رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟


۽ هنن بني دان کي هڪل ڏني، ۽ هنن پنهنجا منهن ورايا، ۽ ميڪاہ کي چيائون تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي جو هيءَ جماعت گڏ ڪري آيو آهين؟


هاڻي بنيمين جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس، بن ابي ايل، بن صرور، بن بڪورت، بن افيخ هو، ۽ اهو هڪڙي بنيمينيءَ جو پٽ هو، ۽ زور وارو ۽ همت ڀريو ماڻهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ