Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن قاصد سائول جي جبعہ ۾ آيا، ۽ ماڻهن جي ڪنن تي هي ڳالهيون وڌائون: ۽ سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن انهن جا قاصد جِبعت شهر ۾ اچي پهتا جتي سائول رهندو هو، تڏهن انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون جنهن تي سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا، تو وٽ فقط هڪڙي برڪت آهي ڇا؟ مون کي، هائو مون کي بہ برڪت ڏي. ۽ عيسو زار زار روئڻ لڳو.


تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.


سماعہ جبعاتيءَ جا پٽ؛ سردار اخيعزر، ۽ يوآس؛ عزماوت جا پٽ، يزئيل ۽ فلط؛ ۽ براڪ ۽ ياهو، عنتوتي؛


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان روئو.


۽ جي هڪڙي عضوي کي ايذاءُ ٿو رسي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ ايذاءُ ٿو رسي، يا جي هڪڙي عضوي کي عزت ٿي ملي، تہ سڀني عضون کي انهي سان گڏ خوشي ٿي ٿئي.


اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.


قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا.


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون.


۽ اُهي ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ شام تائين خدا جي اڳيان ويٺا رهيا، ۽ دانهون ڪري زاروزار رنائون.


۽ سائول بہ جبعہ ۾ پنهنجي گهر ويو؛ ۽ اُنهي سان گڏ اُنهن ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جن جي دلين کي خدا ڇهيو هو.


۽ سائول جبعہ جي سرحد تي، جيڪو ڏاڙهونءَ جو وڻ مجرون ۾ آهي، تنهن هيٺان رهيو پيو هو: ۽ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا.


تنهن کان پوءِ سموئيل رامہ ڏي ويو؛ ۽ سائول پنهنجي گهر، سائول واري جبعہ ڏي ويو.


تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن ايترو زور سان رُنو جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ