Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 عموني بادشاهہ ناحس کين چيو تہ ”انهيءَ شرط تي آءٌ اوهان سان معاهدو ڪندس جو آءٌ اوهان سڀني جون ساڄيون اکيون ڪڍائي ڇڏيان ۽ اهو خواريءَ جو داغ سڄي بني اسرائيل کي لڳايان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن کي چيائون تہ اسان کان اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو، جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، اهو اسان تي مهڻو ٿيندو:


حزقياہ جي ڳالهہ متان مڃو: ڇالاءِ جو اسور جي بادشاهہ هيئن فرمايو آهي تہ مون سان صلح ڪريو ۽ نڪري مون وٽ اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ڊاک کائي، ۽ پنهنجي پنهنجي انجير جي وڻ مان کائي، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي حوض مان پاڻي پئي؛


تو اسان جي پاڙيسرين کان اسان کي طعنا هڻايا آهن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس ٿا رهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن.


تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.


تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


تنهنڪري يبيس جي ماڻهن هنن کي چيو تہ سڀاڻي اسين نڪري اوهان وٽ اينداسين، پوءِ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن اسان سان ڪجو.


۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ