Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 11:1 - Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ ناحس عموني آيو، ۽ يبيس جلعاد جي سامهون اچي منزل ڪيائين: ۽ يبيس جي سڀني ماڻهن ناحس کي چيو، تہ اسان سان عهد ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اٽڪل هڪ مهيني کان پوءِ عمون جو بادشاهہ ناحس لشڪر وٺي جِلعاد علائقي جي شهر يبيس تي چڙهائي ڪري آيو ۽ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين. تڏهن يبيس شهر جي ماڻهن ناحس کي چيو تہ ”اسان سان معاهدو ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي حڪمراني مڃينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 11:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هنن چيو تہ اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي، تہ خدا تو ساڻ آهي؛ سو اسان چيو تہ هاڻي اسين، يعني اسين ۽ تون، پاڻ ۾ قسم کڻون، ۽ اسين تو سان عهد ڪريون.


۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


۽ دائود چيو تہ آءٌ ناحس جي پٽ حنون کي اهڙي مهرباني ڏيکاريندس جهڙي هن جي پيءُ مون کي ڏيکاري هئي. انهيءَ طرح دائود هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ پنهنجي نوڪرن جي هٿان معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ آيا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود محنايم ۾ آيو تڏهن سوبي بن ناحش، جو بني عمون واري ربہ جو ويٺل هو، ۽ مڪير بن عمي ايل، جو لودبار جو ويٺل هو. ۽ برزلي جلعادي، جو راجليم جو ويٺل هو،


۽ دائود يبيس جلعاد جي ماڻهن ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کي، يعني سائول کي اها مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ انهيءَ کي دفن ڪيو اٿوَ.


۽ بن هدد هن کي چيو، تہ جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان ورتا هئا سي آءٌ موٽائي ڏيندس؛ ۽ تون پنهنجي لاءِ دمشق ۾ اهڙيون گهٽيون جوڙائج جهڙيون منهنجي پيءُ سامريہ ۾ جوڙايون هيون. ۽ اخي آب چيو تہ آءٌ توکي اُنهي انجام سان وڃڻ ڏيندس. ان موجب هن اُنهيءَ سان عهد اقرار ڪيو ۽ هن کي وڃڻ ڏنائين.


۽ جڏهن ساري يبيس جلعاد ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڇا ڪيو آهي،


تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاشا کڻي يبيس ۾ آندائون، ۽ انهن جا هڏا يبيس ۾ شاهہ بلوط جي وڻن هيٺ پوري ڇڏيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.


هو تو سان ڪو عهد اقرار ڪندو ڇا، تہ تون هن کي هميشہ لاءِ پاڻ وٽ ٻانهو ڪري رکين؟


تون انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهدنامو نہ ڪج.


حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:


ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛


۽ انهي کي چيائون تہ توکي خبر آهي يا نہ، تہ بني عمون جي بادشاهہ بعليس، اسماعيل بن نتنياہ کي تنهنجي جان وٺڻ لاءِ موڪليو آهي؟ پر جدلياہ بن اخيقام کي انهن جي ڳالهہ تي اعتبار ڪونہ آيو.


۽ هن شاهي نسل وارن مان هڪڙي کي وٺي، اُنهي سان عهد اقرار ڪيو؛ هن انهي کي قسم هيٺ بہ آندو، ۽ ملڪ جي بهادرن کي بہ هو وٺي ويو:


ڪوبہ اموني يا موآبي خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي؛ انهن جي ڏهين پيڙهيءَ تائين منجهائن ڪوبہ خداوند جي جماعت ۾ داخل نہ ٿئي:


تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي بني عمون جي هٿن ۾ وڪڻي ڇڏيو.


۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪئي.


تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.


۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.


هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ