Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن، تڏهن جيئن انهيءَ وقت تو کي مناسب لڳي تيئن ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو سان گڏ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو، ۽ هو وڌي وڏو ٿيو، ۽ بيابان ۾ رهي وڏو تير انداز ٿيو.


۽ ناتن بادشاهہ کي چيو تہ وڃ، جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توساڻ آهي.


جيڪڏهن گهڻي دولت هئڻ ڪري مون خوشي ڪئي هوندي، ۽ انهيءَ ڪري تہ منهنجي هٿ ۾ گهڻو ئي ڪي هو؛


۽ چيائينس تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اهي تو تي اعتبار نہ ڪندا، ۽ پهرئين معجزي کي نہ مڃيندا تہ ٻئي معجزي تي ضرور اعتبار ڪندا.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.


پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


۽ خداوند جي فرشتي هن کي ڏيکاري ڏني، ۽ چيائينس تہ اي بهادر ۽ زوراور مرد، خداوند تو ساڻ آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ صبح جو سج اُڀرڻ شرط تون اُٿي شهر تي حملو ڪج: ۽ جڏهن هو پنهنجن ماڻهن سميت تو سان وڙهڻ لاءِ اچي، تڏهن جيئن وجهہ مليئي، تيئن هنن سان ڪج.


۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.


خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي.


۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ