Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان تو تي نازل ٿيندو، ۽ تون بہ هنن سان گڏ نبوت ڪندين، ۽ بدلجي هڪڙو ٻيو ماڻهو ٿي پوندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين.


پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.


پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا.


پر موسيٰ چيس تہ توکي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ خدا ڪري تہ شل خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون، ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي نازل ڪري!


انهي ڏينهن گهڻا مون کي چوندا تہ اي خداوند، اي خداوند، اسان تنهنجي نالي پيشنگوئيون نہ ڪيون ڇا، ۽ اسان تنهنجي نالي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ ۽ تنهنجي نالي گهڻا ئي معجزا نہ ڪيا ڇا؟


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هن انهيءَ کي ائين ڦاڙي وڌو، جيئن هو ڪنهن ڇيلي کي ڦاڙي، ۽ هن جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ ڪين هو: پر هن جيڪي ڪيو سو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي نہ ٻڌايائين.


جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.


۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.


۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پٺ ورائي سموئيل وٽان روانو ٿيو تڏهن خدا هن کي ٻي دل ڏني: ۽ اُهي سڀ نشانيون انهي ڏينهن ظاهر ٿيون.


۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


۽ سائول دائود جي پڪڙڻ لاءِ قاصد موڪليا، ۽ جڏهن اُنهن نبين جي جماعت کي نبوت ڪندو ڏٺو ۽ سموئيل کي انهن جو سردار ٿي بيٺل ڏٺو، تڏهن خدا جو روح سائول جي قاصدن تي بہ نازل ٿيو، ۽ اُهي بہ نبوت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ