4 ۽ اُهي توکي سلام ڪندا، ۽ توکي بہ نان ڏيندا؛ جي تون اُنهن جي هٿان وٺج.
4 اهي تو کي سلام ڪندا ۽ ٻہ مانيون ڏيندا. تون اهي کانئن وٺجانءِ.
۽ هو اُنهيءَ پاسي ڦري ويا ۽ انهيءَ لاوي جوان جي گهر ۾ آيا، يعني ميڪاہ جي گهر ۾ آيا، ۽ سندس حال احوال پڇڻ لڳا.
تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو:
انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:
تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.