1.سموئيل 10:3 - Sindhi Bible3 تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible3 پوءِ تون جڏهن اڳتي وڌندين ۽ تبور واري شاهہبلوط وڻ وٽ پهچندين، تہ اتي تو کي ٽي ماڻهو ملندا جيڪي قرباني ڪرڻ واسطي بيتايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا جي حضور ۾ ويندا هوندا. انهن مان هڪڙي وٽ ٽي ڇيلا، ٻئي وٽ ٽي مانيون ۽ ٽئين وٽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ هوندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.