Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:24 - Sindhi Bible

24 ۽ سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ اوهين انهي ماڻهوءَ کي ٿا ڏسو جنهن کي خداوند پسند ڪيو آهي، ۽ انهي جهڙو سڄي قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابي سلوم وٽ آيو، تڏهن حوسي ابي سلوم کي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي، خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.


تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.


نہ تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندو، تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان ٻئي ڏوهاري شمار ٿينداسين.


ڇالاءِ جو هو اڄ هيٺ لهي ويو آهي، ۽ گهڻيئي ڏاند، ۽ پاليل پهرو، ۽ رڍون ڪُٺيون اٿس، ۽ بادشاهہ جي سڀني پٽن، ۽ لشڪر جي سردارن، ۽ ابياتر ڪاهن کي سڏيو اٿس: ۽ ڏس، هو سندس اڳيان کائين ۽ پيئن ٿا، ۽ چون ٿا تہ خدا شل بادشاهہ ادونياہ کي سلامت رکي.


۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.


۽ صدوق ڪاهن تنبوءَ مان تيل جو سڱ کڻي سليمان کي مسح ڪيو. پوءِ هنن قرناءِ وڄائي؛ ۽ سڀني ماڻهن چيو تہ شل خدا بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.


تنهن کانپوءِ هن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو، ۽ هن تي ڇٽ رکيائين ۽ شاهديءَ جي سند انهيءَ کي ڏنائين؛ ۽ اُنهن هن کي بادشاهہ ڪيو ۽ مسح ڪيائونس؛ پوءِ تاڙيون وڄائي چيائون تہ شل خدا بادشاهہ کي سلامت رکي.


تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ جو پٽ ٻاهر آندو ۽ تاج کڻي انهيءَ تي رکيائون، ۽ شاهديءَ جي سند ڏنائونس، ۽ بادشاهہ ڪيائونس: ۽ يهويدع ۽ ان جي پٽن هن کي مسح ڪيو؛ پوءِ چوڻ لڳا تہ بادشاهہ کي شل خدا سلامت رکي.


۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا!


تہ تون هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج، جنهن کي خداوند تنهنجو خدا چونڊي: تون پنهنجي ڀائرن منجهان ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪج: ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو تنهنجو ڀاءُ نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان مقرر نہ ڪج.


۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.


۽ سموئيل سڀني اسرائيلين کي چيو تہ ڏسو، جيڪي اوهان مون کي چيو تنهن نسبت ۾ مون اوهان جي سڀ ڪا ڳالهہ مڃي، ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم.


تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.


۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ