Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:23 - Sindhi Bible

23 تڏهن هنن ڊوڙي وڃي هن کي اُتان ڪڍيو؛ ۽ جڏهن هو ماڻهن منجهہ اچي بيٺو تڏهن ڪلهن کان مٿي ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن هنن ڊوڙي وڃي هن کي اتان ڪڍي آندو. جڏهن هو ماڻهن منجھہ اچي بيٺو تہ هنن ڏٺو تہ سندس قد ايترو تہ ڊگھو هو جو سڀيئي ماڻهو سندس ڪلهن تائين ٿي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:23
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.


هاڻي بنيمين جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس، بن ابي ايل، بن صرور، بن بڪورت، بن افيخ هو، ۽ اهو هڪڙي بنيمينيءَ جو پٽ هو، ۽ زور وارو ۽ همت ڀريو ماڻهو هو.


۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ