20 تڏهن سموئيل اسرائيل جا سڀ فرقا گڏ ڪيا، ۽ بنيمين جو فرقو چونڊيو ويو.
20 پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي اڳتي آڻي ڪڻو وڌو جيڪو بنيامين جي قبيلي جو نڪتو.
۽ ابنير بنيمين جي ڪنن ۾ بہ اها ڳالهہ وڌي: پوءِ ابنير حبرون ۾ وڃي دائود کي بہ ٻڌايو تہ ڪهڙي ڳالهہ اسرائيل ۽ ساري بنيمين جي نظر ۾ چڱي آهي.
۽ هنن مان هر ڪنهن پنهنجي سنگتيءَ کي چيو، تہ اچو تہ ڪڻا وجهون تہ خبر پوي تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي. تڏهن هنن ڪڻا وڌا، ۽ ڪڻو يوناہ جي نالي پيو.
بنيمين جي بابت هن چيو، تہ خداوند جو پيارو هن وٽ سلامتيءَ سان رهندو؛ هو سارو ڏينهن انهي کي ڍڪي بيٺو آهي، ۽ سندس ڪلهن جي وچ ۾ ٿو رهي.
پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو.
۽ هن بنيمين جو فرقو، سندن قبيلن موجب گڏ ڪيو، ۽ مطرين جو قبيلو چونڊي ڪڍيو ويو: ۽ سائول جو پٽ قيس ڪڍيو ويو؛ پر جڏهن هنن انهي کي ڳوليو تڏهن هو لڀي نہ سگهيو.
۽ سائول چيو تہ اي سردارو، اوهين سڀ رڙهي هتي ويجها اچو: ۽ ڄاڻو ۽ ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙي ڳالهہ ۾ اهو گناهہ ٿيو آهي.
تنهنڪري سائول خداوند اسرائيل جي خدا کي چيو تہ حق ڏيکار. ۽ يونتن ۽ سائول ڪڻن وجهڻ سان ڪڍيا ويا: پر ٻيا ماڻهو بچي ويا.