Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:2 - Sindhi Bible

2 جڏهن تون اڄ مون وٽان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيمين جي سرحد ۾، ضلضح ۾ راحل جي قبر وٽ، توکي ٻہ ماڻهو ملندا؛ ۽ اُهي توکي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن: ۽ ڏس تنهنجي پيءُ گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي ڏني آهي، ۽ اوهان جي ڳڻتي ۾ آهي، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اڄ جڏهن تون مون کان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيامين جي سرحد اندر ضلضحہ شهر ۾ راخل جي قبر وٽ تو کي ٻہ ماڻهو ملندا. اهي تو کي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن. سو تنهنجو پيءُ هاڻي گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي تنهنجي ڳڻتيءَ ۾ آهي. هو چوندو رهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو بيت ايل مان روانا ٿيا ۽ فرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو، تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا.


باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.


۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.


تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي چيو تہ هن اسان کي چٽيءَ طرح ٻڌايو تہ گڏهہ لڌا آهن. پر بادشاهت واري ڳالهہ، جا سموئيل هن کي چئي هئي، سا هن انهي کي نہ ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ