17 پوءِ سموئيل قوم کي مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏي گڏ ڪيو؛
17 پوءِ سموئيل بني اسرائيل قوم کي مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏائي گڏ ڪيو.
مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ توکي هڪڙو بادشاهہ ڏنو، ۽ پنهنجي غصي ۾ انهي کڻي ورتو اٿم.
تڏهن افتاح جلعاد جي بزرگن سان گڏجي ويو، ۽ ماڻهن هن کي پنهنجي مٿان سردار ۽ رئيس ڪيو: ۽ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجون سڀ ڳالهيون خداوند جي اڳيان ڪيون.
تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،
۽ سڀ ماڻهو جلجال ڏي ويا؛ ۽ اُتي هنن سائول کي جلجال ۾ خداوند جي اڳيان بادشاهہ ڪيو؛ ۽ اُتي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون ذبح ڪيون؛ ۽ اُتي سائول ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون.
۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.