15 ۽ سائول جي چاچي چيو تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ سموئيل اوهان کي ڇا چيو؟
15 سائول جي چاچي چيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌايو تہ سموئيل اوهان کي ڇا چيو؟“
تڏهن سڀ امير يرمياہ وٽ آيا ۽ پڇيائونس: ۽ هن انهن کي اُهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون جي بادشاهہ فرمايون هئس. تنهن تي هنن کيس وڌيڪ ڪي ڪين چيو: ڇالاءِ جو ڳالهہ معلوم نہ ٿي.
۽ سائول جي چاچي هن کي ۽ سندس نوڪر کي چيو تہ اوهين ڪاڏي ويا هئا؟ تڏهن هن چيو تہ گڏهہ ڳولڻ: ۽ جڏهن اسان ڏٺو تہ اُهي نٿا لڀن تڏهن اسين سموئيل وٽ وياسين.
تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي چيو تہ هن اسان کي چٽيءَ طرح ٻڌايو تہ گڏهہ لڌا آهن. پر بادشاهت واري ڳالهہ، جا سموئيل هن کي چئي هئي، سا هن انهي کي نہ ٻڌائي.