13 ۽ جڏهن هن نبوت ڪري بس ڪئي تڏهن هو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ تي آيو.
13 پوءِ جڏهن سائول کان اها مستي ڍري ٿي تڏهن هو انهيءَ ٽڪر واري عبادتگاهہ ڏانهن ويو.
۽ انهي ساڳئي هنڌ جي هڪڙي ماڻهوءَ ورندي ڏيئي چيو تہ هن جو پيءُ ڪير آهي؟ انهي ڪري اهو پهاڪو ٿي ويو تہ: سائول بہ نبين منجهہ آهي ڇا؟
۽ سائول جي چاچي هن کي ۽ سندس نوڪر کي چيو تہ اوهين ڪاڏي ويا هئا؟ تڏهن هن چيو تہ گڏهہ ڳولڻ: ۽ جڏهن اسان ڏٺو تہ اُهي نٿا لڀن تڏهن اسين سموئيل وٽ وياسين.