Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن اُهي سڀ ماڻهو جي هن کي اڳي سڃاڻندا هئا تن ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ نبوت ٿو ڪري، تڏهن اُهي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ قيس جي پٽ کي ڇا ٿيو آهي؟ سائول بہ نبين منجهان آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن انهن سڀني ماڻهن جيڪي کيس اڳي کان سڃاڻيندا هئا، اهو ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو آهي، تڏهن اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”قيس جي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا سائول بہ نبين منجھان آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو، تہ آءٌ نبي ڪين هوس، نڪي ڪنهن نبيءَ جو پٽ آهيان، پر آءٌ هڪڙو ڌنار ۽ گولر جي وڻن جو سنڀاليندڙ هوس:


۽ خداوند مون کي ڌڻ جي پٺيان وڃڻ کان کڻي ورتو، ۽ خداوند مون کي چيو تہ وڃي منهنجي قوم اسرائيل وٽ نبوت ڪر.


تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟


۽ سڃاتائونس تہ هي اُهو ئي آهي جو هيڪل جي سهڻي در وٽ ويهي پنندو هو: ۽ جيڪي مٿس ٿي گذريو هو، تنهن تي ڏاڍو عجب لڳن ۽ حيران ٿي ويا.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


۽ جن هن جي اها ڳالهہ ٻُڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي اهو ناهي ڇا، جو جيڪي يروشلم ۾ هي نالو وٺي دعا گهُرندا هئا، تن کي ستائيندو هو، ۽ هتي بہ انهي ارادي سان آيو هو تہ انهن کي ٻَڌي سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟


۽ هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلائي ڇڏيا، ۽ سموئيل جي اڳيان نبوت ڪرڻ لڳو، ۽ اُهو سارو ڏينهن، ۽ اُها ساري رات اُگهاڙو پيو هو. تنهنڪري چوڻي ٿي وئي، تہ سائول بہ نبين ۾ آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ