Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 10:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن هو اُتي اُنهي ٽڪريءَ وٽ آيا، تڏهن ڏسو، بنيمين جي هڪڙي ٽولي هن کي گڏي؛ ۽ خدا جو روح ڏاڍي زور سان مٿس آيو، ۽ هو انهن سان گڏ نبوت ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 10:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.


۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.


۽ جڏهن سائول اِهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خداوند جو روح ڏاڍي زور سان هن تي آيو، ۽ هن جي ڪاوڙ تمام گهڻو ڀڙڪي.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ