Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:9 - Sindhi Bible

9 هاڻي سيلا ۾ جڏهن هنن کائي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي، ۽ عيلي ڪاهن خداوند جي هيڪل جي دروازي واري ٿنڀ وٽ پنهنجي جاءِ تي ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هڪڙي ڏينهن سيلا شهر ۾ جڏهن هنن کائي پي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي بيٺي. ان وقت عيلي ڪاهن خداوند جي مقدس خيمي جي دروازي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


خداوند جي آواز ڪري هرڻين جا پيٽ ڪريو پون، ۽ ٻيلن جا وڻ ٻٽا ٿيو پون: ۽ هن جي هيڪل ۾ سڀڪو جلال ئي جلال پيو پڪاري.


پر آءٌ تنهنجي بيحد رحم جي ڪري تنهنجي گهر ۾ ايندس؛ آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري ڊپ سان توکي سجدو ڪندس.


تہ هن جو مالڪ کيس خدا جي حضور ۾ وٺي ايندو، ۽ کيس در تي يا در جي چانئٺ تي آڻيندو؛ ۽ سندس مالڪ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو؛ پوءِ هو هميشہ جي لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.


۽ هن ڏاڍي دل جي درد مان خداوند کان دعا گهري، ۽ زار زار رنائين.


۽ سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو، ۽ پوءِ اُٿي خداوند جي گهر جا در کوليائين. ۽ سموئيل عيلي کي انهي رويا جي بيان ڪري ٻڌائڻ کان ڊنو.


۽ خداوند جو ڏيئو اڃا گل نہ ٿيو هو، ۽ سموئيل خداوند جي هيڪل، جتي خدا جي صندوق هئي، تنهن ۾ سمهيو پيو هو،


۽ جڏهن هو آيو، تڏهن ڏسو، عيلي رستي جي ڀر ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي منتظر ويٺو هو: ڇالاءِ جو هن جي دل خدا جي صندوق لاءِ پئي ڏڪي، ۽ جڏهن اُهو ماڻهو شهر ۾ آيو، ۽ اها خبر ٻڌايائين تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ