Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛


تون سال ۾ ٽي ڀيرا منهنجي لاءِ عيد ڪج.


سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند خدا، جو اسرائيل جو خدا آهي، تنهن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين.


۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ هر سال فسح جي عيد تي يروشلم ۾ ويندا هئا.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


انهي طرح جيستائين خدا جو گهر سيلا ۾ هو، تيستائين ميڪاہ واري اُڪريل مورت هنن پاڻ وٽ بيهاري رکي.


تڏهن هنن چيو تہ ڏسو، سال بسال سيلا ۾ خداوند جي عيد ٿي ٿئي، جو بيت ايل جي اُتر ڏانهن جيڪو شاهي رستو بيت ايل کان سڪم ڏانهن ٿو وڃي، تنهن جي اُڀرندي پاسي ۽ لبونہ جي ڏکڻ ڏانهن آهي.


۽ اُهو ماڻهو القانہ، ۽ سندس گهر جا سڀ ڀاتي خداوند جي اڳيان سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذر بجا آڻڻ لاءِ ويا.


هاڻي سيلا ۾ جڏهن هنن کائي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي، ۽ عيلي ڪاهن خداوند جي هيڪل جي دروازي واري ٿنڀ وٽ پنهنجي جاءِ تي ويٺو هو.


۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


۽ سندس ماءُ هڪڙو ننڍو پهراڻ ٺاهيندي هئي، ۽ سال بسال جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏجي سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ اتي ايندي هئي تڏهن اهو آڻي ڏيندي هيس.


۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.


تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ