Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:28 - Sindhi Bible

28 تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:28
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو.


۽ مون پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو، ۽ چيم تہ خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا سڳورو آهي، جنهن مون کي سنئين واٽ ڏيکاري، جو مون پنهنجي مالڪ جي ڀائٽي سندس پٽ لاءِ هٿ ڪئي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرهام جي نوڪر هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن زمين تي ڪنڌ جهڪائي خداوند کي سجدو ڪيائين.


اي منهنجا پٽ، اي منهنجي پيٽ جا پٽ، ۽ اي منهنجن مڃتائن جا پٽ.


پرهيزگاريءَ وارا سڀ ڏينهن هو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن جدعون اُهو خواب، ۽ انهي جو تعبير ٻڌو، تڏهن هن سجدو ڪيو؛ ۽ موٽي اسرائيل جي منزلگاهہ ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اُٿو: ڇالاءِ جو خداوند مديانين جو لشڪر اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


پر حنہ اوڏانهن نہ ويئي؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ جيسين ڪ ٻار جو کير نہ ڇڏائينديس تيسين اوڏانهن ڪين وينديس؛ ۽ پوءِ آءٌ انهي کي آڻينديس تہ اُهو خداوند جي اڳيان حاضر ٿئي، ۽ هميشہ اُتي رهي.


۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


۽ عيليءَ القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪري چيو تہ شل خداوند توکي اُنهي دعا جي ڪري، جا تو خداوند کان گهري هئي، هن زال مان اولاد ڏئي. پوءِ هو پنهنجي گهر هليا ويا.


۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ