Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:23 - Sindhi Bible

23 ۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سندس مڙس القانہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي. جيئن تون مناسب سمجھين تيئن ڪر. ڀلي ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ تائين تون گھر ۾ ترس. شل خداوند پنهنجو سخن پورو ڪري.“ سو حنہ گھر ۾ ترسي پيئي ۽ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار جي پالنا ڪندي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڪر.


۽ جڏهن آءٌ صبح جو پنهنجي ٻار کي کير پيارڻ لاءِ اُٿيس تڏهن ڏسان تہ اُهو مئو پيو آهي: پر جڏهن صبح جو مون ڌيان ڏيئي نهاريو، تڏهن ڏٺم تہ اُهو منهنجو ڄڻيل پٽ نہ آهي.


پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو.


جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.


پر افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا!


هن اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ڇا ٿيو جو ميڙاڪي مان هڪڙي زال وڏي سڏ چيس تہ مبارڪ آهي اُهو پيٽ، جنهن ۾ تون هئين، ۽ اُهي ٿڻ، جن کي تو ڌاتو.


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ: ۽ اسرائيل جي خدا کان جيڪا مراد گهري اٿيئي سا شل اُهو پورو ڪري.


پوءِ سائول چيو تہ هلو تہ رات جو فلستين تي ڪاهي هلون، ۽ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين انهن کي ڦريون لٽيون، ۽ انهن مان هڪڙو ماڻهو بہ نہ ڇڏيون. ۽ هنن چيو تہ جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو ڪر. تڏهن ڪاهن چيو تہ اچو تہ پهرين خداوند جي ويجهو وڃون.


تڏهن هن سڀني اسرائيلين کي چيو تہ اوهين هڪ پاسي ۽ آءٌ ۽ منهنجو پٽ يونتن ٻئي پاسي ٿينداسين. تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ جيئن توکي چڱو ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ