Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:22 - Sindhi Bible

22 پر حنہ اوڏانهن نہ ويئي؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ جيسين ڪ ٻار جو کير نہ ڇڏائينديس تيسين اوڏانهن ڪين وينديس؛ ۽ پوءِ آءٌ انهي کي آڻينديس تہ اُهو خداوند جي اڳيان حاضر ٿئي، ۽ هميشہ اُتي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قسم کنيو آهي، هو ڦرندو ڪين، تہ تون ملڪ صدق جي طريقي جو هميشہ لاءِ ڪاهن آهين.


بيشڪ ڀلائي ۽ رحمت منهنجي سڄي حياتي مون سان لڳي رهندي: ۽ آءٌ سدائين خداوند جي گهر ۾ رهندس.


مون خداوند کي هڪڙو سوال ڪيو آهي، ۽ انهي جو آءٌ طالب رهندس؛ تہ آءٌ سڄي ڄمار خداوند جي گهر ۾ گذاريان، ۽ خداوند جو جمال ڏسان، ۽ سندس هيڪل ۾ ڌيان ڪريان.


تہ هن جو مالڪ کيس خدا جي حضور ۾ وٺي ايندو، ۽ کيس در تي يا در جي چانئٺ تي آڻيندو؛ ۽ سندس مالڪ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو؛ پوءِ هو هميشہ جي لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


۽ زمين هميشہ جي لاءِ وڪڻڻ ۾ نہ اچي؛ ڇالاءِ جو زمين منهنجي آهي: ۽ اوهين مون وٽ مسافر ۽ مهمان آهيو.


۽ جڏهن موسيٰ جي شريعت موجب سندن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن هن کي خداوند جي اڳيان حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ وٺي آيا،


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ يردن جو پاڻي خداوند جي عهدنامي جي صندوق اڳيان ڇڄي ڌار ٿيو؛ ۽ اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ واسطي هڪڙي يادگاريءَ جي نشاني ٿي قائم رهندا.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.


۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.


۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس.


۽ اهو ڇوڪر سموئيل عيليءَ جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو هو، ۽ خداوند جو ڪلام انهن ڏينهن ۾ ڪامياب هو؛ ڪو ظاهر ظهور رويا نہ ٿيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ