Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:21 - Sindhi Bible

21 ۽ اُهو ماڻهو القانہ، ۽ سندس گهر جا سڀ ڀاتي خداوند جي اڳيان سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذر بجا آڻڻ لاءِ ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جڏهن القانہ وري پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند جي آڏو سالياني ۽ باسيل قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سيلا شهر ڏانهن روانو ٿيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس.


تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪو هنڌ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي جي مسڪن لاءِ چونڊيندو، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جا ڏهان حصا، ۽ اوهان جي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ اوهان جي خوشيءَ جون مڃتائون، جي اوهين خداوند جي اڳيان مڃيندا:


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا.


۽ سندس ماءُ هڪڙو ننڍو پهراڻ ٺاهيندي هئي، ۽ سال بسال جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏجي سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ اتي ايندي هئي تڏهن اهو آڻي ڏيندي هيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ