Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:19 - Sindhi Bible

19 ۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ٻئي ڏينهن القانہ ۽ سندس ڪٽنب وارا صبح جو سوير اٿيا ۽ خداوند جي حضور ۾ سجدو ڪيائون. پوءِ هو رامہ شهر ۾ پنهنجي گھر موٽي آيا. القانہ پنهنجيءَ زال حنہ وٽ ويو ۽ خداوند حنہ جي دعا پوري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين.


۽ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو، ۽ سندس عرض ٻڌائين، ۽ سندس رحم کوليائين.


پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ قائن ڄايس، تڏهن هن چيو تہ خداوند جي ٻاجهہ سان مون کي هڪڙو ماڻهو مليو آهي.


پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.


پوءِ اُها زال پيٽ سان ٿي ۽ وقت پوري ٿيڻ تي، اُنهيءَ ساڳيءَ موسم ۾، هن کي پٽ ڄائو، جيئن ڪ اليشع چيو هو.


مون پرهہ ڦٽڻ کان اڳي اٿي پڪاريو: ۽ تنهنجي ڪلام ۾ اُميد رکيم.


جنهن اسان جي ڏک ۾ اسان جي سار لڌي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.


اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس.


سانجهيءَ جو، ۽ صبح جو، ۽ ٻنپهرن جو. آءٌ روئي فرياد ڪندس: ۽ هو منهنجو آواز ٻڌندو.


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


پوءِ هن چيو، تہ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهت ۾ اچين، تڏهن مون کي ياد ڪج.


هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


تنهن کان پوءِ سموئيل رامہ ڏي ويو؛ ۽ سائول پنهنجي گهر، سائول واري جبعہ ڏي ويو.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


هاڻي دائود جان بچائي اُٿي ڀڳو ۽ رامہ ۾ سموئيل وٽ آيو، ۽ جيڪي سائول ساڻس ڪيو هو سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل وڃي نيوت ۾ رهڻ لڳا.


۽ القانہ، رامہ ڏي پنهنجي گهر ويو. ۽ اُهو ٻار عيلي ڪاهن جي اڳيان خداوند جي خدمت ڪندو رهيو.


۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


تڏهن اسرائيل جا سڀ بزرگ گڏ ٿي رامہ ۾ سموئيل وٽ آيا:


۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ