14 تڏهن عيليءَ چيس تہ ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو شراب پاڻ وٽان پري ڪري ڇڏ.
14 تڏهن عيليءَ چيس تہ ”ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو نشو مِٽائي هوش ۾ اچ.“
جيڪڏهن گناهہ تنهنجي هٿ ۾ هجي تہ اُهو اُڇلائي ڇڏ، ۽ شرارت کي پنهنجي تنبن ۾ رهڻ نہ ڏي.
جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين.
ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟
اوهين سڀيئي ڪيستائين اهڙي ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ مٿس ڪاهہ ڪندا، جو جهڪيل ڀت ۽ ڪريل واڙ وانگي آهي؟
بيهودو وات پاڻ کان پري ڪر، ۽ ڏنگا چپ پاڻ کان پري اُڇلاءِ.
اڙي سست، تون ڪيترو سمهندين؟ ڪڏهن تون پنهنجي ننڊ مان اُٿندين؟
پر ٻين وري ٺٺولي ڪري چيو تہ هي تازي شراب جي نشي ۾ آهن.
۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.
تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان سڀڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالهائي: ڇالاءِ جو اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.
هر طرح جو ڪوڙ، ۽ ڪاوڙ، ۽ غصو، ۽ گوڙ، ۽ گلا، هر قسم جي بدخواهيءَ سميت، اوهان کان پري ٿئي: