Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 1:11 - Sindhi Bible

11 ۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 1:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو،


۽ لياہ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس، ۽ انهيءَ جو نالو روبن رکيائين: ڇالاءِ جو هن چيو تہ خداوند منهنجي ڏک تي نظر ڪئي آهي، هاڻي منهنجو مڙس مون کي پيار ڪندو.


۽ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو، ۽ سندس عرض ٻڌائين، ۽ سندس رحم کوليائين.


پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.


امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري.


منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


اي منهنجا پٽ، اي منهنجي پيٽ جا پٽ، ۽ اي منهنجن مڃتائن جا پٽ.


جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن ڪو ماڻهو خاص مڃت مڃي ۽ ڪنهن کي بہ خداوند جي لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي، تڏهن اُهي ماڻهو خداوند جا ٿيندا.


تڏهن اسرائيلين خداوند جي حضور ۾ هڪڙي مڃت مڃي، ۽ چيائون تہ جي تون سچ پچ هنن ماڻهن کي اسان جي هٿن ۾ گرفتار ڪرائيندين، تہ اسين هنن جا شهر بلڪل برباد ڪري ڇڏينداسين.


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ طور، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري، ۽ مردي جي ڪري جو هن کان گناهہ ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ ساڳئي ڏينهن هو پنهنجو مٿو پاڪ ڪري.


هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.


پرهيزگاريءَ وارا سڀ ڏينهن هو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.


۽ افتاح خداوند جي اڳيان مڃتا مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون بني عمون کي منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندين،


ڇو جو تون پيٽ سان ٿيندينءَ، ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ انهيءَ جي مٿي تي پاڪي نہ گهمائج: ڇالاءِ جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان خدا جو نذير ٿيندو: ۽ اُهو اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.


۽ هن ڏاڍي دل جي درد مان خداوند کان دعا گهري، ۽ زار زار رنائين.


۽ جڏهن هن خداوند جي حضور دعا پئي گهري، تڏهن عيلي هن جي وات ڏي نهاري ويٺي ڏٺو.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي خداوند جي اڳيان سجدو ڪري، موٽي پنهنجي گهر رامہ ۾ آيا: ۽ القانہ پنهنجي زال حنہ سان صحبت ڪئي؛ ۽ خداوند هن کي ياد ڪيو.


پر حنہ اوڏانهن نہ ويئي؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ جيسين ڪ ٻار جو کير نہ ڇڏائينديس تيسين اوڏانهن ڪين وينديس؛ ۽ پوءِ آءٌ انهي کي آڻينديس تہ اُهو خداوند جي اڳيان حاضر ٿئي، ۽ هميشہ اُتي رهي.


اُها دعا هن ٻار جي لاءِ ٿي گهريم: ۽ خداوند کان جيڪا مراد مون گهري، سا هن پوري ڪئي آهي:


تنهنڪري مون بہ هن کي خداوند کي ڏيئي ڇڏيو آهي؛ جيسين ڪ هو جيئرو هوندو تيسين هو خداوند کي ڏنو ويو آهي، ۽ هن اُتي خداوند کي سجدو ڪيو.


۽ عيليءَ القانہ ۽ سندس زال کي دعا ڪري چيو تہ شل خداوند توکي اُنهي دعا جي ڪري، جا تو خداوند کان گهري هئي، هن زال مان اولاد ڏئي. پوءِ هو پنهنجي گهر هليا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ