جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب کي هن مان ڪوبہ ٻار پيدا نہ ٿيو آهي، تڏهن راخل پنهنجيءَ ڀيڻ سان حسد ڪرڻ لڳي؛ ۽ يعقوب کي چيائين تہ مون کي بہ ٻار ڏي، نہ تہ آءٌ مري وينديس.
پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.
اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.
۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.