Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 5:8 - Sindhi Bible

8 هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 5:8
61 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ شيطان خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ زمين تي هيڏي هوڏي گشت ڪندو، ۽ انهيءَ تي هيٺ مٿي گهمندو ٿو اچان.


جوان شينهن شڪار جي پٺيان گجگار ٿا ڪن، ۽ خدا کان پنهنجو کاڌو ٿا گهرن.


تون ڪنهن بڇڙي ماڻهوءَ کي انهي جي مٿان مقرر ڪر: ۽ ڀلي تہ ڪو دشمن سندس ساڄي هٿ بيٺو رهي.


بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ.


بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي: جيڪو انهيءَ کي چيڙائي ڪاوڙ ڏياري ٿو سو پنهنجي ئي حياتيءَ جي برخلاف گناهہ ڪري ٿو.


جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي.


جيڪو مون کي سچو ٿو ٺهرائي سو ويجهو آهي؛ ڪير مون سان وڙهندو؟ اچو تہ گڏ بيهون: ڪير منهنجو مخالف آهي؟ اهو منهنجي ويجهو اچي.


جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.


هو جوان شينهن وانگي گڏجي گوڙ ڪندا؛ هو شينهن جي ٻچن وانگي گرجندا.


۽ انهن جي محلاتن جو واقف ٿيو ۽ انهن جا شهر سُڃا ڪري ڇڏيائين؛ ۽ زمين ۽ ان جي آبادي، هن جي گجگوڙ جي آواز ڪري ويران ٿي ويئي.


ان جي وچ ۾ سندس نبين جو منصوبو پيو هلي، ڄڻ تہ ڪو گجندڙ شينهن شڪار کي پيو ڦاڙي: هنن ماڻهو ڳهي ڇڏيا آهن؛ هو خزانو ۽ قيمتي شيون کڻن ٿا: هنن ان جي وچ ۾ گهڻيون زالون بيواهہ ڪيون آهن.


۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.


هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا.


آءٌ هنن کي انهي رڇڻ وانگر گڏبس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن، ۽ هن جي دل جو پردو ڦاڙي ڇڏيندس: ۽ اُتي آءٌ هنن کي شينهن وانگر ڳهي ويندس؛ جهنگلي جانور هنن کي ڦاڙي ڇڏيندو.


۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.


۽ هن چيو تہ خداوند صيون مان گجندو، ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ريڍارن جا چراگاهہ ماتم ڪندا، ۽ ڪرمل جي چوٽي ڪومائجي ويندي.


يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟


شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟


ريڍارن جي روئڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو سندن شان گم ٿي ويو آهي: جوان شينهن جي گرجڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو يردن جو جهنگ برباد ٿي ويو آهي.


۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو.


۽ جنهن دشمن اُهي پوکيا، سو آهي شيطان: ۽ لاباري جو وقت آهي جهان جي پڄاڻي، ۽ لاهيارا آهن ملائڪ.


تنهنڪري سجاڳ رهجو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو خداوند ايندو.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي.


تڏهن شيطان هن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ڏسو، ملائڪن اچي سندس خدمت ڪئي.


۽ جيڪي گس تي ڪِريا، جتي ڪلام پوکيو ويو، سي اُهي آهن جي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن يڪدم شيطان اچي ٿو، ۽ جيڪو ڪلام انهن ۾ پوکيو ويو آهي سو ڪڍي ٿو وڃي.


مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي:


پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو.


اي شمعون، شمعون، ڏس شيطان اوهان کي گهُري ورتو تہ اوهان کي ڪڻڪ وانگر ڳاهي:


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


انهي لاءِ تہ شيطان اسان تي قبضو نہ ڪري، جو اسين هن جي منصوبن کان غير واقف نہ آهيون.


خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ شيطان جي منصوبن سان مقابلو ڪري سگهو.


پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي.


ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛


انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.


تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛


پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


پر مهمان نواز، نيڪيءَ جو طالب، سالم دل وارو، منصف مزاج، پاڪ، پرهيزگار؛


۽ اسان کي بہ سيکاري ٿو تہ بي دينيءَ ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري، هن موجودہ جهان ۾ پرهيزگاريءَ ۽ راستبازيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.


انهي لاءِ تہ اُهي جوان زالن کي سيکارين تہ پنهنجن مڙسن ۽ پنهنجن ٻارن کي پيار ڪن،


جوان ماڻهن کي بہ ساڳيءَ طرح سالم دل رهڻ لاءِ نصيحت ڪج.


تنهنڪري خدا جي تابع ٿيو؛ شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.


۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.


تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ شيطان جنهن کين گمراهہ ڪيو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اُڇلايو ويندو، جتي اهو حيوان ۽ ڪوڙو نبي بہ آهي؛ ۽ اهي رات ڏينهن اتي هميشہ تائين عذاب پيا سهندا.


۽ انهي ازدها يعني قديمي نانگ کي، جو شيطان ۽ ابليس آهي، پڪڙي هزار ورهين لاءِ ٻَڌو،


تڏهن سمسون ۽ هن جا ماءُ پيءُ تمنت ڏانهن ويا، ۽ تمنت جي ڊاک جي منهہ ۾ آيا: ۽ هن ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجگوڙ ڪري چڙهي پيو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ