Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 5:6 - Sindhi Bible

6 تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو، تہ مناسب وقت تي هو اوهان کي سرفراز ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 تنهنڪري ايشور جي شڪتيءَ واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي مناسب وقت تي سرفراز ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 5:6
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسين ٿو تہ ڪيئن اخي آب منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري؟ ۽ ڇالاءِ تہ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي عاجز ٿو ڪري تنهنڪري آءٌ هن جي ڏينهن ۾ خرابي نہ آڻيندس: پر سندس پٽ جي ڏينهن ۾ سندس گهراڻي تي مصيبت آڻيندس.


تنهنجي دل نرم هئي، ۽ هن هنڌ بابت، ۽ اُتي جي رهندڙن بابت، مون جو چيو هو تہ اُهو ويران ٿيندو ۽ اُهي لعنتي ٿيندا، سو جڏهن تو ٻڌو تڏهن تو خداوند جي اڳيان نيزاري ڪئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي دانهن ٻڌي آهي.


۽ جڏهن هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن خداوند جي ڪاوڙ هن کان ڦري، جو هن کيس اصل ناس ڪرڻ نہ گهريو: ۽ تنهن کانسواءِ يهوداہ ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون بہ ڏسڻ ۾ ٿي آيون.


انهيءَ هوندي بہ آشر ۽ منسيءَ مان ۽ زبولون مان ڪيترن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ يروشلم ۾ آيا.


انهيءَ ڪري حزقياہ توڙي يروشلم جي رهاڪن پنهنجي دل جي مغروريءَ کان پاڻ کي نماڻو ڪيو، جنهن ڪري حزقياہ جي ڏينهن ۾ خداوند جي ڪاوڙ هنن تي نہ آئي.


۽ جڏهن هو اهڙي مصيبت ۾ پيو، تڏهن خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرڻ لڳو، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي اڳيان پاڻ کي نماڻو ڪيائين.


هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.


۽ هن خداوند جي اڳيان نماڻو ٿي توبهہ نہ ڪئي، جيئن ڪ سندس پيءُ ڪئي هئي؛ پر اهو ساڳيو امون پاڻ وڌيڪ گناهہ ڪندو ويو.


۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ خراب هئا؛ هن يرمياہ نبيءَ جي اڳيان پاڻ کي نماڻو نہ ڪيو، جنهن خداوند جي واتان ٿي ڳالهايو.


ڏس، خدا پنهنجي طاقت سان وڏا ڪم ڪري ٿو: انهيءَ جهڙو اُستاد ٻيو ڪير آهي؟


آءٌ بڇڙن جا سڀيئي سڱ بہ وڍي ڇڏيندس؛ پر راستبازن جا سڱ بلند ڪيا ويندا.


تنهنجي ٻانهن زوراور آهي: تنهنجو هٿ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو ساڄو هٿ مٿانهون آهي.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ مون کي خبر آهي تہ مصر جو بادشاهہ اوهان کي وڃڻ جي موڪل ڪين ڏيندو، جيسين زبردستيءَ سان وڃڻ نہ ڏي.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


هرڪا ماٿري بلند ٿيندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺانهين ڪئي ويندي؛ ۽ ڏنگو سنئون ڪيو ويندو، ۽ کڏون کوٻا سڌا ڪيا ويندا.


ڇالاءِ تہ جيڪو عظيم، ۽ سربلند، ۽ سدائين قائم آهي، ۽ جنهن جو نالو پاڪ آهي: سو فرمائي ٿو تہ آءٌ مٿانهينءَ ۽ پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، ۽ انهيءَ سان گڏ بہ جيڪو شڪست دل ۽ نماڻو آهي، انهي لاءِ نماڻي جي روح کي ۽ شڪستہ دل کي وري تازو ڪريان.


تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.


هو اڄ ڏينهن تائين پشيمان نہ ٿيا آهن، نڪي ڊنا آهن، نڪي منهنجي شريعت تي يا منهنجن قانونن تي هليا آهن، جي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي اڳيان رکيا.


هن جي سڀني ٽولين ۾ هن جا جيڪي باقي رهندا، سي سڀ ڪنهن واءُ ڏانهن پکيڙي ڇڏيا ويندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو ڪلام ڪيو آهي.


تنهنڪري، اي آدمزاد، تون ٿڌو ساهہ کڻ؛ چيلهہ جي ڀڃڻ سان ۽ ڏک سان تون هنن جي اکين آڏو آهون ڪر.


پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛


تنهن جي ئي ڪري آءٌ سندن برخلاف هليس، ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم: تنهن لاءِ جڏهن انهن جي اڻ طهريل دل پشيمان ٿيندي، ۽ پنهنجي گناهہ جي سزا قبول ڪندا؛


اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟


۽ جيڪو پاڻ کي مٿي ڪندو سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ڪندو سو مٿي ڪيو ويندو.


هن زور وارن کي تخت تان لاهي هيٺ ڪيو آهي، ۽ نماڻن کي چاڙهي مٿي ڪيو اٿس.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هو ٻيو ماڻهو نہ، پر هيءُ راستباز ٿي گهر موٽيو: ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري سو هيٺ ڪيو ويندو، پر جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري سو مٿي ڪيو ويندو.


ڇالاءِ تہ جڏهن اسين اڃا ڪمزور ئي هئاسين، تڏهن عين وقت تي مسيح بي دينن جي خاطر مُئو.


اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟


وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا.


جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي.


پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛


خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.


تنهنڪري خدا جي تابع ٿيو؛ شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو.


اي ڀائرو، جن نبين خداوند جي نالي ڪلام ڪيو، تن جي ڏک سهڻ ۽ صبر جي نموني تي هلو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ