Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 4:4 - Sindhi Bible

4 هاڻي هنن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين سندن بدچاليءَ ۾ ساڻن شامل نٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان جي بدگوئي ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هاڻي انهن غير وشواسين کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هاڻي انهن غير ايمان وارن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 4:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ٿا ڪريو، پر اندران اُهي ظلم ۽ زبردستيءَ سان ڀريون پيون آهن.


۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين.


پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.


۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.


۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


پر اهي ماڻهو بي عقل جانورن وانگر آهن، جي رڳو پڪڙجڻ ۽ برباد ٿيڻ جي لاءِ حيوانن جهڙا پيدا ٿيا آهن، ۽ جن ڳالهين کان ناواقف آهن، تن جي نسبت ۾ اجايو سجايو پيا ڳالهائين. هو پنهنجي خرابيءَ ۾ پاڻ چٽ ٿي ويندا،


هي سچو پهاڪو ساڻن لاڳو ٿو ٿئي تہ ”ڪتو قئي ڪري وري انهي ڏانهن موٽي ٿو، ۽ سوئر غسل کانپوءِ وري وڃيو گپ ۾ ليٽي.“


پر هي ماڻهو تہ انهن سڀني ڳالهين تي ڦٽڪار ٿا هڻن، جن جي کين ڪابہ خبر ڪانهي؛ ۽ جن ڳالهين کي هو بي عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجهن، تن ۾ هو پاڻ کي خراب ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ