Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 4:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو جيترو وقت اوھان غير قومن جي مرضيءَ موجب ھلت ڪئي، يعني شھوت⁠پرستيءَ، برين خواھشن، شراب⁠خوريءَ، نشي⁠بازيءَ، راڳ روپ ۽ ڪراھت جھڙي بت⁠پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 4:3
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


۽ هن بتن جي پيروي ڪرڻ سان تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو، ۽ هن امورين جي سڀني ڪمن موجب ڪيو هو، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.)


۽ جڏهن آسا اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ عودد نبيءَ جي پيشنگوئي ٻڌائين تڏهن هن همت جهلي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين جي ڪل زمين مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي ڪوهستان مان ورتا هئا تن مان، ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيائين: ۽ خداوند جي قربانگاهہ جا خداوند جي دالان جي اڳيان هئي، تنهن کي وري نئين سر ٺاهيائين.


پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


افسوس انهن تي جي صبح جو سوير ٿا اُٿن تہ نشي بازيءَ جي پٺيان پون؛ جي رات جو دير تائين ٿا ترسن، جيسين ڪ انهن کي شراب جو جوش چڙهي!


جا قبرن جي وچ ۾ ويهي ٿي، ۽ ڳجهين جاين ۾ راتيون ٿي گذاري؛ جا سوئر جو گوشت کائي ٿي، ۽ ڪراهت جهڙين شين جو تيوڻ سندس ٿانوَن ۾ آهي.


تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


۽ تون انهن فسادين کي، يعني اسرائيل جي گهراڻي کي چئج تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن سي اوهان جي لاءِ بس آهن.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.


چوريون، خون، زناڪاريون، لالچون، بڇڙايون، ٺڳي، شهوت پرستي، بدنظري، گلاخوري، مغروري، بيوَقوفي:


تنهنڪري جن زمانن ۾ ماڻهو اڻڄاڻ هئا، تن زمانن ۾ خدا چشم پوشي ڪئي؛ پر هاڻي هو ماڻهن کي حڪم ٿو ڏئي تہ جتي هجن، اتي سڀيئي توبهہ ڪن:


۽ اهڙيءَ طرح شائستگيءَ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي، نہ ناچ رنگ ۽ نشي ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت پرستيءَ ۾، نہ جهيڙي ۽ حسد ۾:


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


متان جڏهن آئون وري اچان، تڏهن منهنجو خدا مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري، ۽ مون کي اهڙن گهڻن لاءِ افسوس ڪرڻو پوي، جن هيستائين ناپاڪي ۽ زناڪاري ۽ نفس پرستي جا گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ توبهہ نہ ڪئي اٿن.


هاڻي جسم جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي،


بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا.


۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛


نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛


ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ