Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 4:11 - Sindhi Bible

11 جيڪڏهن ڪو ماڻهو منادي ڪري تہ اهو خدا جي ڪلام موجب ڪري؛ جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ اهڙي ڪري جهڙي خدا طاقت ڏني هجيس، انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي خدا جو جلال ظاهر ٿئي، جنهن جي وڏائي ۽ بادشاهي هميشہ تائين قائم آهي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 4:11
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي، ۽ تنهنجي حڪومت سڀني پيڙهين تائين قائم ٿي رهي.


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها.


هن جون نشانيون ڪهڙيون نہ وڏيون آهن! ۽ هن جا عجيب ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ آهي، ۽ هن جي سلطنت پيڙهي بہ پيڙهي آهي.


۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي:


۽ انهي کي حڪومت ۽ عزت ۽ بادشاهت ڏني ويئي، تہ سڀيئي ماڻهو، قومون ۽ علحدين ٻولين وارا انهي جي خدمت چاڪري ڪن: انهي جي حڪومت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ حڪومت آهي، جا فنا ٿيڻ جي ناهي، ۽ انهي جي بادشاهي اهڙي آهي جا ناس نہ ٿيندي.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛


هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:


ڇالاءِ جو سڀ شيون اُنهي جي طرفان ۽ انهي جي وسيلي ۽ اُنهي جي لاءِ آهن. اُنهي جو هميشہ تائين جلال هجي. آمين.


ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.


۽ انهي واحد ۽ داناءُ خدا جو جلال يسوع مسيح جي معرفت هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


هر ڪنهن طرح گهڻو: پهرين تہ خدا جو ڪلام انهن کي سونپيو ويو.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو.


هاڻي نعمتون تہ طرح طرح جون آهن، پر روح هڪڙو ئي آهي.


جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.


۽ اسان ايمان وارن جي لاءِ هن جي قدرت جي وڏائي، سندس انهيءَ وڏيءَ طاقت جي اثر موجب ڪهڙي نہ بي انداز آهي،


اوهان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي جا ضرورت موافق سڌاري جي لاءِ چڱي هجي، تہ ٻُڌڻ واري کي انهيءَ مان فضل حاصل ٿئي.


۽ هميشہ خدا يعني پيءُ جا، خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ شڪرانا بجا آڻيندا رهو؛


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي.


۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.


اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.


پر جيئن خدا اسان کي قبول ڪري، خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن اسين بہ بيان ٿا ڪريون؛ نہ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر خدا کي، جو اسان جي دلين جو آزمائڻ وارو آهي.


هاڻي انهي مدامي بادشاهہ، يعني غير فاني، ناديدہ، واحد خدا جي عزت ۽ جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.


پر تون انهن ڳالهين جو بيان ڪج، جي صحيح تعليم موجب آهن:


تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.


هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي.


اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيحي هئڻ سببان ڏک سهي تہ انهي لاءِ تہ شرمندو نہ ٿئي؛ بلڪ انهي نالي جي ڪري خدا جي وڏائي ڪري.


شل سندس بادشاهي هميشہ تائين رهي. آمين.


اُنهي واحد خدا، اسان جي نجات ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي، جلال ۽ عظمت ۽ بادشاهي ۽ قدرت، ازل کان ۽ هاڻي ۽ هميشہ تائين هجي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ