7 ۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.
7 اي پتيؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين پتنين سان ڏاهپ سان هلو. ناري ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس مان ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين جيون جي وردان ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون پرارٿنائون رڪجي نہ وينديون.
7 اي مڙسؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن سان عقلمنديءَ سان هلو. عورت ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين زندگيءَ جي نعمت ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دعائون رڪجي نہ وينديون.
7 اي مڙسؤ! اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجين زالن سان عقلمنديءَ سان ھلو. عورت ذات کي نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اھي بہ اوھان جي زندگيءَ جي نعمت ۾ وارث آھن. ائين ڪرڻ سان اوھان جون دعائون بياثر نہ ٿينديون.
تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.
ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛