Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 3:22 - Sindhi Bible

22 هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ھو آسمان ۾ ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي آھي، جتي ملائڪ، اختياريءَ وارا ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 3:22
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.


”خداوند، منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجن پيرن هيٺ ڪريان؟“


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


دائود پاڻ پاڪ روح جي هدايت سان چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي بڻايان.“


سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ڇو جو دائود پاڻ زبور جي ڪتاب ۾ چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو، تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،


۽ جي خدا هن ۾ جلال حاصل ڪيو تہ خدا پاڻ ۾ هن کي جلال ڏيندو، بلڪ اِجهو ٿو ڏئيس.


۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.


هو تيستائين ضرور آسمان ۾ رهندو، جيستائين ڪ سڀني ڳالهين جي بحال ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت خدا پنهنجي پاڪ نبين جي واتان دنيا جي شروع کان وٺي چيو هو.


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


ڇالاءِ جو مون کي يقين آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ حڪومتون، نہ حال جون نہ استقبال جون شيون، نہ طاقتون


انهي کان پوءِ آخرت ايندي، جڏهن هو سڀ حڪومت، ۽ سڀ اختياري، ۽ سڀ طاقت نيست ڪري بادشاهت خدا کي، يعني پيءُ کي سونپي ڏيندو.


تنهنڪري، جيڪڏهن اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو تہ انهن شين جا ڳولائو ٿيو جي مٿي آسمان ۾ آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


پر ملائڪن مان ڪنهن کي ڪڏهن هن چيو آهي تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان؟“


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


۽ جڏهن وري هو پهريتو پٽ دنيا ۾ آڻي ٿو، تڏهن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ انهي کي سجدو ڪن.“


پر هي شخص گناهن جي لاءِ هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو؛


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


تنهنڪري جڏهن اسان جو هڪڙو وڏو سردار ڪاهن آهي، جو آسمانن مان لنگهي ويو آهي، يعني خدا جو فرزند يسوع، تڏهن اچو تہ اسين پنهنجي اقرار تي قائم رهون.


جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.


هاڻي جيڪي ڳالهيون اسين پيا چئون، تن جو خاص مطلب هي آهي: تہ اسان جو سردار ڪاهن اهڙو آهي جو آسمانن تي قادر مطلق جي تخت جي ساڄي پاسي ويٺو آهي،


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ