Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 3:21 - Sindhi Bible

21 انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ شرير جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان ايشور سان وچن ڪجي. اها بپتسما يسوع مسيح جي وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪ⁠نيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 3:21
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.


شمعون پطرس چيس تہ اي خداوند، تڏهن نہ رڳو منهنجا پير، پر منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوءُ.


۽ هن رات جي اُنهي وقت کين وٺي وڃي سندن ڦٽ ڌوتا، ۽ اوڏيءَ مهل ئي هن ۽ سندس سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.


تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي.


۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.


۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟


(تڏهن فلپس چيس تہ جي تون پوريءَ دل سان ايمان ٿو آڻين تہ ڀلي بپتسما وٺ. ۽ هن چيو تہ آئون ايمان ٿو آڻيان تہ يسوع مسيح خدا جو فرزند آهي.)


انهي هوندي بہ آدم کان وٺي موسيٰ تائين موت اُنهن تي بہ حڪمراني ڪئي، جن انهي آدم جي نافرمانيءَ جهڙو گناهہ نہ ڪيو، پر اُنهي شخص جو مثل هو جو اچڻ وارو هو.


ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.


هاڻي اي ڀائرو، انهن ڳالهين ۾ مون اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين اسان کان سکو تہ جيڪي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تنهن موجب هلو، ۽ اوهان مان ڪو هڪڙي جو طرف وٺي ٻئي جي برخلاف نہ ڳالهائي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،


۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


ڇالاءِ جو هن سمجهيو تہ خدا کي مُئلن مان جيارڻ جي قدرت آهي؛ ۽ مثال طرح انهن مان ئي هو کيس وري مليو.


اسان جي لاءِ دعا گهُرو، ڇالاءِ جو اسان کي پڪ آهي تہ اسان جي نيت صاف آهي، ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايمانداريءَ سان گذارڻ ٿا گهُرون.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ