Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 3:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو جيڪڏهن خدا جي مرضي موجب اوهين نيڪي ڪري ڏک سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪري ڏک سهڻ کان چڱي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 ڏسو، جيڪڏهن ايشور جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ڏسو، جيڪڏهن خدا جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي ھجي تہ اوھين نيڪي ڪرڻ سبب ڏک سھو، تہ اھا ڳالھہ بدي ڪرڻ سبب ڏک سھڻ کان بھتر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 3:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.


پر کانئن هيئن چئي موڪلايائين تہ جي خدا گهُريو تہ آئون وري اوهان وٽ موٽي ايندس. پوءِ افسس مان جهاز تي چڙهي روانو ٿيو.


۽ جڏهن هن نہ مڃيو، تڏهن اسان هيترو چئي کڻي بس ڪئي، تہ جيڪا خداوند جي مرضي هجي، سا پوري ٿئي.


انهي جي ڪري اوهين گهڻي خوشي ڪريو، جيتوڻيڪ هاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي سبب اوهان کي آزمائشون سَهڻيون ٿيون پون.


ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو.


هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي.


پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛


پر ڏسو، متان اوهان مان ڪوبہ خوني، يا چور، يا بدڪار، يا ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سهي.


تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سهن، سي چڱو ٿا ڪن ۽ پنهنجا روح سچي خالق جي حوالي ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ