Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.پطرس 3:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 انهيءَ ڪري جو پرميشور جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي پرارٿنا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو خداوند جون اکيون سچارن تي آھن ۽ سندس ڪن انھن جي التجا تي. پر جيڪي بدي ڪن ٿا، خدا انھن کان منھن موڙي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.پطرس 3:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


هاڻي منهنجون اکيون کليل رهنديون، ۽ منهنجا ڪن اُها دعا ٻڌندا جا هن هنڌ ڪرڻ ۾ ايندي.


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛


اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا.


اها باهہ ۾ سڙي ويئي آهي، ۽ وڍجي ويئي آهي: اُهي تنهنجي منهن جي ڇينڀ ڪري تباهہ ٿا ٿين.


خداوند شريرن کان پري آهي: پر هو سچن جي دعا ٻڌي ٿو.


خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.


هن کي وٺي وڃي سندس چڱي سنڀال ڪر ۽ ڪو ايذاءُ نہ رسائينس؛ پر جيئن هو توکي چوي تيئن هن سان ڪج.


آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس.


۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نٿو ٻُڌي، پر جيڪڏهن ڪو خدا پرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي ٿو هلي، تہ انهي جي هو ٻُڌي ٿو.


اهو ملڪ جنهن کي خداوند تنهنجو خدا سنڀالي ٿو؛ ۽ سال جي شروعات کان وٺي سال جي پڇاڙيءَ تائين، خداوند تنهنجي خدا جي نظر سدائين انهي تي ٿي رهي.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ